روچلداس ڊاڪٽر

روچلداس، ڊاڪٽر: صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس ولد ديوان سبحان سنگهه منشاراڻي، 6 جنوري 1880ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سرڪاري ملازم هو. وسڻ شاهه، ڊاڪٽر روچلداس جي ڀاءُ جو مرشد هو. وسڻ شاهه جي مهر ڀريءَ نظر ڊاڪٽر روچلداس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، سندس مڱڻو پڻ وسڻ شاهه ڪرايو. 1901ع ۾ روچلداس حيدرآباد جي ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو ته وسڻ شاهه حيدرآباد جي قطب شاهه کي سندس پارت ڪئي. قطب شاهه سندس سلڇڻائيءَ سبب کيس ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ کيس پُٽ ڪري سڏيندو هو. ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کانپوءِ روچلداس حيدرآباد جيل ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ ملڪ کان ٻاهر عدن ۾ ڊاڪٽر ٿي ويو. عدن ۾ ڪالرا جي بيماريءَ منهن ڪڍيو ته هن مريضن جي گهڻي خدمت ڪئي، پر پوءِ قطب شاهه جي چوڻ تي نوڪري ڇڏي واپس آيو ۽ اچي روهڙيءَ ۾ خيراتي اسپتال قائم ڪيائين. روچلداس هڪ انگريز ڊاڪٽر هالينڊ کان اکين جي آپريشن جي سکيا ورتي هئي ۽ سنڌ اچي اکين جا ڪيترا ڪامياب آپريشن ڪيائين.
سنڌ ۾ روچلداس پهريون اکين جو ڊاڪٽر هو، جنهن آپريشن ذريعي علاج ڪيو. روچلداس 1948ع ۾ هندستان هليو ويو، جتي علاج سان گڏ ماڻهن کي روحاني درس پيو ڏيندو هو. ڪيترا ماڻهو سندس معتقد ٿيا.
ڊاڪٽر روچلداس، 10 ڊسمبر 1952ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ پريتم ڀارت ۾ ڊاڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.01.06  عيسوي

صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس ولد ديوان سبحان سنگهه منشاراڻي، 6 جنوري 1880ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1952.12.10  عيسوي

ڊاڪٽر روچلداس، 10 ڊسمبر 1952ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ پريتم ڀارت ۾ ڊاڪٽر آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
جمال فقير خاصخيلي
راول شهزادو
رابعه قزداري
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
حافظ حڪومت خان
مظفر ڀٽو
جالوت
شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم
مير محمد علي خان ٽالپر بهرور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون